شهيد بينظير ڀٽو ايگريڪلچر ريسرچ اسٽيشن

شهيد بينظير ڀٽو ايگريڪلچر ريسرچ اسٽيشن

شهيد بينظير ڀٽو ايگريڪلچر ريسرچ اسٽيشن

شهيد بينظير ڀٽو ايگريڪلچر ريسرچ اسٽيشن: هي ادارو سنڌ جي آبادگارن کي مختلف فصلن جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ زراعت جي ترقي لاءِ شهر سڪرنڊ ضلعي بينظير آباد ۾ قائم آهي. اداري جي آفيس سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سڪرنڊ جي احاطي ۾ آهي. ادارو 2009ع ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڪوششن سان قائم ٿيو. هن اداري پاران ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪيلي جون مختلف جنسون متعارف ڪرايون وينديون آهن. اداري پاران ڀارت، هالينڊ ۽ ملائيشيا مان آيل ڊيزل ڪراپ، جيٽروفا پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي. ان کان سواءِ مختلف فصلن جي سٺي اپت ۽ ماکيءَ جي مک جي پالنا بابت پڻ آبادگارن کي جوڳي سکيا ڏني وڃي ٿي. هي ادارو وفاقي حڪومت جي زرعي کاتي پاران پبلڪ سيڪٽر پروگرام تحت، پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي سهڪار سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن اداري سنڌ جي زراعت کي تمام گهڻو فائدو رسايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو